- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته هـُو پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي لاءِ ڪم ڪندا رهندا.
واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته آمريڪا قانون جي حڪمراني جي حمايت جاري رکندا، ان حوالي سان سندن موقف ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي.
ميٿو ملر جو چوڻ هو ته امريڪي پرڏيهي وزير جو سعودي هم منصب سان ٽيلفونڪ رابطو ٿيو آهي، انٽوني بلنڪن ۽ فيصل بن فرحان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گھٽائن تي زور ڏنو.
هن چيو ته اسرائيل ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، حماس-اسرائيل تڪرار جي ڊگهي مدي واري حل لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري بابت ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو.- Advertisement -
