تازه ترين

پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون : خواجه آصف

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي دهشتگردي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، افغانستان طرفان ٽي ٽي پي جي ٽريننگ ڪيمپون ۽ سندن مدد ڇڏڻ تائين اهو سلسلو جاري رهندو، آمريڪا ايران کان گيس نه وٺڻ جو متبادل ٻڌائي، ڪو پاڙيسري ملڪ سٺي اگهه تي گيس ڏي ٿو ته اهو پاڪستان جو حق آهي، آمريڪا کي سندن معاشي صورتحال سمجهڻي پوندي، آءِ ايم ايف پروگرام هلي رهيو آهي، حدف پورا ڪيا پيا وڃن، عوام کي رليف ڏيڻ ڏيڍ سال لڳندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته افغانستان جي دوري دوران عبوري حڪومت کي درخواست ڪئي ته پاڙيسري هجڻ جي حيثيت ۾ دهشتگردي روڪي وڃي.

هن چيو ته افغانستان طرفان ڏنل حل عمل جوڳو نه هو، جهڙيءَ ريت سموري دنيا جا بارڊر آهن، پاڪ افغان بارڊر کي به ائين هجڻ گهرجي.

خواجه آصف چيو ته ماڻهو ويزا وٺي پاڪستان اچن ۽ ڪاروبار ڪن، بارڊر جي عالمي حيثيت هوندي آهي، ان جو احترام نه پيو ڪيو وڃي.

بچاءَ واري وزير چيو ته چيني شهرين تي حملي جي جاچ ٿي رهي آهي، پاڪ چين جاچ ٽيمون گڏجي دهشتگرد واقعي جي ذميوارن جو پتو لڳائيندي.

خواجه آصف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام هلي رهيو آهي، حدف پورا ڪيا پيا وڃن، عوام کي رليف ڏيڻ ڏيڍ سال لڳندو.

بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا ايران کان گيس نه وٺڻ جو متبادل ٻڌائي، ڪو پاڙيسري ملڪ سٺي اگهه تي گيس ڏي ٿو ته اهو پاڪستان جو حق آهي، آمريڪا کي سندن معاشي صورتحال سمجهڻي پوندي.

خواجه آصف چيو ته هنن افغانستان جو سامان ڀارت موڪلڻ جي اجازت ڏني، افغانستان مان دهشتگردي ۽ سمگل ٿيل شيون اينديون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون