پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب جو وفد اسلام آباد پهچي رهيو آهي

- Advertisement -
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب جو وفد اسلام آباد پهچي رهيو آهي، بادشاهه محمد بن سلمان جي هدايت تي سعودي عرب جي 40 کان 50 ڪاروباري شخصيتن جو وفد 2 ڏينهن پاڪستان ۾ ترسندو، وفد جو تعلق ٽيڪنالاجي،  توانائي، هوا بازي، اڏاوت، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز سان آهي. ٽن ڏينهن واري پاڪ سعودي سيڙپڪاري ڪانفرنس سڀاڻي کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي جنهن لاءِ سعودي عرب جو وفد پاڪستان پهچندو. ذريعن موجب، سعودي بادشاهه محمد بن سلمان جي خاص هدايتن تي سعودي عرب جو وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، 40 کان 50 ڪاروباري ماڻهن تي ٻڌل وفد پاڪستان ۾ 2 ڏينهن ترسندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي وفد ۾ شامل اهم شخصيتون پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن جو جائزو وٺنديون. ذريعن موجب، ٻنهي ملڪ وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ واپاري وفدن ۾ ڳالهيون ٿينديون، سعودي واپاري وفد ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 30 ڪمپنين جا نمائندا شامل آهن،  وفد جو تعلق ٽيڪنالاجي،  توانائي، هوا بازي، اڏاوت، مائننگ ۽ هيومن ريسورسز سان آهي. پي آءِ اي ۽ ڀاشا ڊيم، آءِ ٽي، توانائي، خوراڪ، ڪيميڪل، گوشت ۽ ڪوئلي جي کاڻ جي کوٽائي سان لاڳاپيل معاهدا طئي ٿيندا، جڏهن ته زراعت، صنعت ۽ واپاري جي گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جا معاهدا به طئي ڪيا ويندا. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد جي هن دوري دوران سعودي عرب جي پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالر تائين سيڙپڪاري جي معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، سعودي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري امڪاني موقعن بابت ڳالهيون ڪندو، وفد واپس وڃي سعودي بادشاهه محمد بن سلمان کي دوري ۽ سيڙپڪاري بابت بريفنگ ڏيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
24%
3.5m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون