آپگهاتي بمبار جي والد ۽ ڀائرن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف منظر عام تي اچي ويا

- Advertisement -
آپگهاتي بمبار جي والد ۽ ڀائرن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف منظر عام تي اچي ويا. دهشتگرد ڪنهن به معاشري کي اوڏهي جيان کائي ويندا آهن. مذهب کان باغي، وطن جي محبت کان خالي ۽ انسانيت جا قاتل دهشتگرد معصوم نوجوانن کي ورغلائي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندا آهن. وزيرستان جو 17 ورهين جو نظام الديب به ٽي ٽي پي جي هٿ چڙهي ويو. دهشتگرد نظام الدين کي 17 آگسٽ 2023ع تي پاڪ فوج تي آپگهاتي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو، سڃاڻپ بعد سندس والد ۽ ڀائرن کي پرڏيهه مان نيڪالي ڏني وئي. دهشتگرد نظام الدين جي والد قدم خان جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سندن نسلن کي تباهه ڪري رهيا آهن، پٽ جي هن غلطي سبب اڄ خاندان جو روزگار کسجي ويو، مٽ مائٽ ۽ لاڳاپا به ٽٽي ويا. سندس چوڻ هو ته سندس پٽ کي افغانستان اماڻيو ويو، جتي کيس غلط تربيت ڏني وئي. دهشتگرد نظام الدين جي والد قدم خان چيو ته نظام الدين جي هن عمل سبب سندن ڪابه عزت ناهي رهي. دهشتگرد نظام الدين جي ڀائرن وحيد الله ۽ رشيد الله چيو ته ٽي ٽي پي سندس ڀاءُ کي پيسن جي لالچ ڏئي ورغلايو ۽ کيس ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هنن چيو ته ٽي ٽي پي جا دهشتگرد سندن ڀاءُ کي نشي جي انجيڪشن لڳائيندا هئا. نظام الدين جو خاندان هن وقت انتهائي تڪليف ۾ مبتلا آهي، نوجوانن کي گهرجي ته دشمن جي سڃاڻپ ڪن ۽ سندن اوزار نه بڻجن، پاڪ فوج دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هر قيمت تي پاڙان ختم ڪندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
25%
3.1m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
26 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون