- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪي معيشت بهتر ٿي، سموري دنيا جنهن جي تعريف ڪري رهي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته دنيا پاڪستان کي تسليم ڪري رهي آهي، سعودي عرب مان به هڪ اعليٰ سطحي وفد اچي رهيو آهي، شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهه ڪانفرنس به پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي.
هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري، واپار ۽ سياحت لاءِ نئون هنڌ بڻجي رهيو آهي، سندن نئين پاليسي جي ڪاميابي تيزيءَ سان جاري آهي.
عطا تارڙ چيو ته ملائيشيا سان پاڪستان جا دوستيءَ وارا لاڳاپا آهن، ملائيشين وزيراعظم طرفان پاڪستان اچي سيڙپڪاريءَ بابت ڳالهائڻ سٺو سنوڻ آهي.
وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان سندن معيشت مستحڪم ٿي، ورلڊ بئنڪ جي ايم ڊي به سندن تعريف ڪئي، هاڻي ٽيڪس فائلرز ٻيڻا ٿي ويا آهن، ٽيڪس اوڳاڙي وڌيڪ ٿيڻ سان عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن ۾ اضافو ٿيندو.
عطا تارڙ چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ روز نوان رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن، مهانگائي 6 ڏهائي 9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته عالمي رسالا ۽ اڳواڻ وزيراعظم جي ڪم جو اعتراف ڪري رهيا آهن، شهبازشريف ڪم مڪمل ڪندڙ ماڻهو آهي.
عطا تارڙ چيو ته علي امين گنڊاپور کي صلاح آهي ته پنهنجي صوبي ۾ واپس وڃي ڪم ڪري، ننڍا وڏا احتجاج ٿيندا رهندا آهن.- Advertisement -
