- Advertisement -
جماعت اسلاميءَ وچ اوڀر جي صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ به موجود هو.
ملاقات دوران غزا ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته غزا ۽ لبنان جي صورتحال تي حڪومت ۽ سمورين سياسي پارٽين جي هڪ موقف جي اهميت تي زور ڀريو ويو.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم کي ست آڪٽوبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جي تجويز پڻ ڏني.- Advertisement -
