پاڪ افغان سرحد تي سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ افغان سرحد تي سڪيورٽي فورسز دهشتگرد جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
دهشتگرد جو گروهه اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان باربار اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ لاءِ افغان عبوري حڪومت کي چئي چڪو آهي، اميد ته افغان سرڪار پنهنجي ڌرتي دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ نه ڏيندي.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن