پاڪ فوج طرفان شهيدن جي ڏهاڙي تي پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا ڪئي وئي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پوليس جي جوانن فرضن جي ادائگي ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس ۽ فوج جي جوانن وڏي قرباني ڏني آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، هٿياربند فوج فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان جو نظرانو ڏيندڙ پوليس جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پوليس جي شهيدن جي عزم، حوصلي ۽ قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.
آءِ ايس پي آر موجب، هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان پنهنجي رت ۽ پگهر سان قوم جو تحفظ ڪندڙ هيروز کي سلام پيش ڪن ٿا، شهيدن جون خدمتون سندن لاءِ مشعل راهه آهن، هو شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن ۽ هر تڪليف ۾ سندن حمايت جي عزم جو وچن ڪن ٿا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پوليس جي شهيدن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سڄي ملڪ جي مختلف هنڌن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.