تازه ترين

پاڪ فوج عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قربانيون ضايع نه ٿينديون:ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

- Advertisement -
فوجي قيادت چيو آهي ته پاڪ فوج عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قربانيون ضايع نه ٿينديون، فوج ۾ موجود سخت احتسابي نظام تي عمل اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي ڪو به فرد ان عمل کان مٿانهون نه ٿو ٿي سگهي، فوج هڪ منظم ادارو آهي، جنهن ۾ هر فرد جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وفاداري  رياست ۽ پاڪ فوج سان گڏ آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ خطي جي صورتحال خاص طور بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرگرم ملڪ دشمن قوتن، ناڪاري  عنصرن ۽ سندن مددگارن جي سرگرمين توڙي ان جي تدارڪ لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. فوجي قيادت عزم ورجايو ته پاڪ فوج عوام جي حماتي سان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. فورم چيو ته فوج هڪ منظم ادارو آهي، جنهن جي هر فرد جي مهارت ۽ وفاداري رڳو  رياست ۽ پاڪ فوج سان آهي. ڪور ڪمانڊرز چيو ته فوج ۾ موجود سخت احتسابي نظام تي عمل اداري جي استحڪام لاءِ لازمي آهي ڪو به فرد ان عمل کان مٿانهون نه ٿو ٿي سگهي. آرمي چيف زور ڀريو ته پاڪ فوج دهشتگردن،  ڏڦيڙ پسندن ۽ ڏوهاري مافيا خلاف ضروري ۽ قانوني ڪارورائي ڪرڻ ۾ حڪومت، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جامع سهڪار فراهم ڪندي رهندي. فوجي قيادت سخت سائبر سڪيورٽي قدمن ذريعي قومي سائبر اسپيس جي تحفظ تي زور ڀريو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس  والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو شڪار عوام سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪندي آزاديءَ جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب فوجي قيادت اسرائيل طرفان غزا ۾ فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. آءِ ايس پي آر  موجب ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس پاڪ فوج جي آپريشنل تياري تي اعتماد ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعليٰ معيار برقرار رکڻ جو عزم ورجايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون