- Advertisement -
ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ارسا ايڪٽ لاءِ ايوان صدر ۾ ٿيل فيصلن کي غير آئيني قرار ڏيندي ارسا ايڪٽ خلاف گڏيل جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ٽي وي جي پروگرام بيهائينڊ دي نيوز ۾ ڳالهائيندي قومپرست اڳواڻن ارسا ايڪٽ لاءِ ايوان صدر ۾ ٿيل فيصلن کي غير آئيني قرار ڏنو.
سنڌ يونائٽڊ پارٽيءَ جي صدر زين شاهه چيو ته سنڌ جي سمورين قومپرست پارٽين سان رابطا ڪري جلد گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو.
قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هن آچر تي ارسا ايڪٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ گڏيل احتجاج لاءِ گڏجي ويهي فيصلو ڪرڻ گهرجي.
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ايوان صدر ۾ سنڌ جي پاڻي جي سودي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي ڪنهن به ريت قبول نه ڪندا.
عوامي تحريڪ صدر لال جروار چيو ته هو سنڌ جي ماڻهن کي اپيل ٿا ڪن ته اهي ارسا ايڪٽ خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ اچن..- Advertisement -
