تازه ترين

پاڪ فوج ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي,آرمي چيف

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ معاشي بحالي بابت ايپڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزير، توڙي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

آرمي چيف جنرل  عاصم منير معيشت جي بحاليءَ لاءِ نگران حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.

سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي هلائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا.

نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن منصوبن جي نشاندهي  ڪئي وئي آهي، انهن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.

اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته نگران  وزيراعظم خاص سيڙپڪاري ڪائونسل جي بهتر ڪم جي تعريف ۽ دوست ملڪن سان رابطن جي واکاڻ ڪئي.

ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سعودي عرب ۽ اسلامڪ آرگنائزيشن فار فوڊ سڪيورٽي جي اعليٰ سطحي وفدن جي دورن کي نتيجو ڏيندڙ قرار ڏنو ويو.

پڌنامي موجب ايپڪس ڪميٽيءَ زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، آءِ ٽي ۽ توانائي وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ وارين گذريل حڪومت جي ڪوششن جي به منظوري ڏني.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
121,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
2.2 ° C
2.2 °
2.2 °
19 %
1.7kmh
2 %
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °
سُومر
14 °
اڱارو
11 °
اربع
10 °

تازه ترين خبرون