تازه ترين

پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي عزم جي اظهار لاءِ گڏيل فوجي مشق “واريئر 9 ” جي شروعات ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پاڪ فوج ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي عزم جي اظهار لاءِ گڏيل فوجي مشق “واريئر 9 ” جي شروعات ڪري ڇڏي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻه طرفي دهشتگردي جي خاتمي بابت مشقن جي نائين قسط نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم پبي سينٽر ۾ شروع ٿي، جنهن جو مقصد گڏيل آپريشنز ۾ انٽر آپريبلٽي ۾ اضافو، پيشواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ۽ جديد جنگي ٽيڪنڪن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دفاعي ڀائيواري ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ سهڪار جي تسلسل طور تي اها مشق ٻنهي ملڪن جي مضبوط فوجي لاڳاپن ، خطي جي امن ۽ استحڪام جي عزم جو ثبوت آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته گڏيل فوجي مشق جي افتتاحي تقريب ۾ منگلا ڪور جي ڪمانڊر ۽ چيني فوج جي ويسٽرن ٿيٽر ڪمانڊ جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف ميجر جنرل بيان شيائومنگ سميت ٻنهي ملڪن جي سينيئر فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون