پاڪ چين دوستي سبب پاڪستان جو خلائي سفر جو خواب پورو ٿي ويو، چين جو خلائي مشن شينزو 24 ڪاميابي سان تيانگونگ خلائي اسٽيشن پهچي ويو.
پاڪستاني خلائي باز ذيشان علي چين جي ٻن خلا بازن سان گڏجي خلائي اسٽيشن پهتو آهي، ذيشان علي خلا ۾ ويدڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو آهي، اهو تيان گونگ خلائي اسٽيشن پهچندڙ پهريون غير ملڪي خلا باز به آهي.
پاڪستاني خلا باز جي خلائي اسٽيشن تي شاندار آجيان ڪئي وئي، خلائي اسٽيشن ۾ موجود سمورن خلا بازن گروپ فوٽو به ڪڍايو.
پاڪستاني وقت موجب خلائي مشن جي اڏام جو مرحلو صبح 5 لڳي 18 منٽن تي چين جي خلائي مرڪز کان شروع ٿيو، هزارين تعداد ۾ چيني شهرين خلائي مشن جي روانگي کي سڌي ريت ڏٺو.
وفاقي وزير احسن اقبال ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير به ان يادگار لمحي کي ڏسڻ لاءِ موجود هئا.
چين جي سرڪاري ميڊيا ميجب شنزو 24 مشن دوران 90 سائنسي تجربا ۽ ٽيڪنالاجي ٽيسٽ انجام ڏنا ويندا.
خلائي مشن تي رواني کان اڳ ذيشان علي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين دوستي ڪهڪشائن تائين پهچي وئي آهي.
ذيشان علي مشن کي پاڪستان لاءِ اعزاز قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ وڌيڪ گڏيل خلائي مشن به ٿيندا……
پاڪ چين دوستي سبب پاڪستان جو خلائي سفر جو خواب پورو ٿي ويو، چين جو خلائي مشن شينزو 24 ڪاميابي سان تيانگونگ خلائي اسٽيشن پهچي ويو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5
°
C
19.5
°
19.5
°
14%
2.5m/s
0%
اربع
18
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


