تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم متعارف ڪيو ويندو، سڀ صوبا متفق آهن : احسن اقبال

- Advertisement -
ترقي ۽ رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم متعارف ڪيو ويندو، سڀ صوبا متفق آهن، 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ڪو به صوبو پاڻي تي ڌاڙو نه ٿو هڻي سگهي، پ پ ۽ مسلم ليگ ن گڏجي ميثاق جمهوريت لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، ڪوسٽل هاءِ وي منصوبي سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي، سجاول، بدين ۽ ٺٽو ضلعن ۾ 4 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، حڪومت پوئتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. ترقي ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪوسٽل هاءِ وي جي تعميراتي منصوبي جو معائنو ڪرڻ لاءِ ڪوسٽل ھاءِ وي پھتو. احسن اقبال سان گڏ صوبائي وزير ورڪس سروسز علي حسن زرداري، صوبائي وزير ناصر شاھ، پ پ ايم اين اي صادق علي ميمڻ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ گڏ هئا. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته 1991ع پاڻي معاھدو ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ سموري قيادت سان گڏجي ٿيو هو ، جنھن تي چارئي صوبا متفق ھئا. هن چيو ته  ھي معاھدو ھڪ مضبوط فريم ورڪ آھي، جنھن ۾ اھو پابند بڻايو ويو آھي ته ڪو به صوبو ٻئي صوبي جي پاڻي تي ڌاڙو نٿو ھڻي سگھي ۽ نه ئي وري ڪنھن صوبي جو پاڻي چوري ڪري سگھي ٿو. احسن اقبال چيو ته  1991ع معاھدي کي وفاقي حڪومت تسليم ڪري ٿي ۽ ان تي عمل به ڪندي. ھن چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي واري منصوبي تي ڪم تيزي سان ھلندڙ آھي، جڏھن ته پهرين مرحلي ۾ 13 هزار 625 ملين رپين جي لاڳت سان 36 ڪلوميٽرن جي تعمير جو ڪم تيزي سان ھلندڙ آھي. وفاقي وزير چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي منصوبي جي تعمير جو ڪم ٻوهارا کان شروع ٿي ويو آهي، ڪوسٽل هاءِ وي پهرين مرحلي ۾ ڪيٽي بندر تائين تعمير ڪيو ويندو، ڪوسٽل هاءِ وي جي اڏاوت سان سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي ۽ منصوبو زرخيز زمينن کي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائيندو. احسن اقبال چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير 2007ع ۾ شروع ٿيڻ کان پوءِ پھريون مرحلو مڪمل ٿي ويو، ٺٽي کان بدين تائين 279 ڪلوميٽر ڊگھي ڪوسٽل هاءِ وي تي مستقبل ۾ تعمير ڪئي ويندي. ھن چيو ته سنڌ جي ڪوسٽل ھاءِ وي منصوبو جو جائزو ورتو ويو 37 ڪلو ميٽر وفاقي حڪومت ٺاھي رھي آھي، منصوبو سنڌ جي سامونڊي پٽي جي زمين ڳڙڪائڻ کان روڪڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي، سياحت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ترقي ٿيندي، غربت ختم ڪرڻ ۾ مدد ٿيندي. احسن اقبال چيو ته هڪ پارٽيءَ ڌرڻا هڻي ملڪي معشيت کي نقصان رسايو، پاڪستان کي محبت، امن جي ضرورت آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
26 %
0.9kmh
74 %
اڱارو
21 °
اربع
26 °
خميس
26 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون