تازه ترين

پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حب ۾ وڌيڪ لائن وڌي پئي وڃي: ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حب ۾ وڌيڪ لائن وڌي پئي وڃي، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پنج لک گيلن پاڻي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي هر دور ۾ ڪراچي شهر جا مسئلا حل ڪيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي کي بھتر بڻائڻ لاءِ ھڪ نئون قدم کنيو پيو وڃي، اڪثر تاثر ڏنو پيو وڃي ته سيوريج جو گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيندي پئي وڃي جنهنڪري نئين ٽيڪنالوجي ذريعي پاڻي کي صاف ڪري استعمال لائق ڪيو پيو وڃي، اڄ ڪامياب تجربو ڪيو آھي ۽ پاڻي کي ليبارٽري ۾ صاف ڪرايو ويندو. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پنج لک گيلن پاڻي صاف ڪرڻ وارو پلانٽ لڳايو ويو آھي ۽ ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ ان جي ٽيسٽنگ کي وڌايو ويندو، ملير ۾ به صاف پاڻي جو پلانٽ لڳايو ويندو. هن چيو ته حب ڊيم ڀرجي وڃڻ جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن ان لاءِ به لکيو ويو آھي ته اولھه، ڏکڻ ۽ ڪياماڙي ضلعي کي حب ڊيم مان پاڻي ملندو، نئون ڪينال حب ڊيم مان آندو پيو وڃي، پ پ چيئرمين جي منشور کي اڳتي وڌائيندي عوام کي پاڻي سميت ٻيون سھولتون فرھم ڪيون وينديون. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ ۾ فيصلا ڪرڻ ڏکيو عمل ٿي ويو آھي، هو فيصلا نٿا ڪري سگھن، فيصلا ٿين ته سمنڊ جو پاڻي به مٺو ڪري سگھجي ٿو، ماڻهن لنڊن، دبئي ۽ ڪيئناڊا ۾ گھر ٺاھيا پر هنن پرڏيهه ۾ پنھنجا گھر ڇڏي ڪراچي کي پنھنجو گھر ڪيو. سندس چوڻ هو ته مخالف شاھراهه فيصل جي ڳالھه ڪن ٿا اھي پنھنجي علائقن کان ٻاھر نه ٿا نڪرن، بجيٽ کي نه پر فنڊ رليز کي ڏسڻ گھرجي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق جا نمائندا ڪراچي ۾ رھن ٿا، کانئس پڇاڻو ڪيو وڃي ته ھنن ڪيترا فنڊ ڪراچي تي لڳايا آھن، سنڌ حڪومت پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رھي آھي، مختلف اسپتالن کي فنڊ ڏئي ٿي ۽ وفاق کي به ڏيڻ گھرجن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون