- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري سڪيورٽي فورسز کي مهمند ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته سندن سڪيورٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن جو خاتمو ڪيو، دهشتگردن کي سندن ڪريل مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري سڪيورٽي فورسز کي مهمند ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن جو خاتمو ڪيو.
صدر آصف علي زرداري دهشتگردي خلاف سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي جي ساراهه ڪئي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سڄي قوم کي پنهنجي جوانن تي فخر آهي جيڪي هر وقت ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهن، دهشتگردن کي سندن ڪريل مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو……….- Advertisement -
