تازه ترين

پرنس ڪريم آغا خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۾ ور شهر بند

اسماعيلي مسلم ڪمونٽي جي 49 ھين اِمام ۽ خواجا ڪميونٽي جي مُرشد پِرنس مولانا شاھ ڪَريم اَلحسيني آغا خان جي  لاڏاڻي تي خواجه ڪمينوٽي پاران سوڳ ۾ ور شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.

ان موقعي تي خواجه ڪميونٽي جي اڳواڻ محمد علي خواجه، رفيق خواجه، مشتاق خواجه عرفان خواجه، وزير خواجا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پِرنس ڪَريم آغا خان سڄي دنيا ۾ ترقي، تعليم، ثقافت ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ بھترين ڪم ڪيا

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پِرنس ڪَريم آغا صرف اِسماعيلي ڪميونٽي لاءِ نه پر سَڄي اِنسانيت لاءِ هڪ مثالي ڪردار رھيو، جنھن پنھنجي ادارن ذريعي پوري اِنسانيت جي خِدمت ڪَئي.

هنن چيو ته پرنس ڪريم آغا جو سڀ کان وڏو ڪارنامو آغا خان ڊولپمينٽ نيٽورڪ آھي، جيڪو پوري دنيا ۾ ھڪ ڄار وانگر ڦهليل آهي، جنھن جا مختلف شعبا خاص ڪري صحت ۽ تعليم تي پوري دنيا ۾ مثال قائم ڪري رھيا آھن، جنھن مان دنيا جي ليول تي پوريءَ انسانيت کي فائدو حاصل ٿي رھيو آھي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پِرنس ڪَريم آغا خان تعليم جي شعبي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي آغاخان ايجوڪيشن سينٽر ۽ آغا خان يونيورسٽيون قائم ڪري دنياوي ليول تي تعليم جي معيار کي بھتر ڪيو ۽ ان سان گڏ صحت لاءِ پنھجون خدمتون سرانجام ڏيندي آغا خان ھليٿ سينٽر قائم ڪري جديد ٽيڪنالاجي ذريعي انسانن جي زندگيءَ لاءِ موثر قدم کنيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون