پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت اندروني صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جي حملي کي جوانن ناڪام بڻايو.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر نيب چيو ته ان ڪيس ۾ ٽي جوابدار آهن، عدالت نواز شريف جي نالي جا وارنٽ جاري ڪيا آهن هو برطانيا ۾ موجود آهي هن کي پرڏيهي کاتي جي ذريعي وارنٽ موڪليو.
ان تي معزز جج چيو ته پوءِ نواز شريف جي عدم پيشي تي اشتهار جاري ڪري رهيا آهيون ۽ آصف زرداري جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ٿا ڇڏيون.