تازه ترين

پريالي جي علائقي وِيرَمُ ڳوٺ جو پرائمري اسڪول جي عمارت جو ٺيڪيدار پاران ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ ۽ فرنيچر سميت سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور

پريالي جي علائقي وِيرَمُ ڳوٺ جو پرائمري اسڪول جي عمارت جو ٺيڪيدار پاران ڪم اڌ ۾ ڇڏڻ ۽ فرنيچر سميت سهولتن جي کوٽ سبب ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبورآهن.

ٽائون ڪميٽي پريالي جي چيئرمين سيد جمن شاھه پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو آهي.

ٽائون ڪميٽي پريالي جي چيئرمين، اسڪول جي مسئلن بابت استادن سان معلومات ورتي.

استادن ٻڌايو ته فرنيچر، ڪلاس روم ۽  ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب علائقي جا معصوم ٻارڙا پٽ تي ويھي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين سيد جمن شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت واعدا ته کوڙ ڪيا آھن پر افسوس جو انھن تي عمل ناھي ٿي سگھيو.

ھن چيو ته پرائمري اسڪول ۾ ڪنھن به قسم جي سھولت ناھي، اسڪول ۾ فرنيچر، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ واش روم جي سھولت ناھي جنھنڪري ٻارڙا ڏکياين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

اسڪولي شاگردن ۽ استادن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول ۾ گھربل سھولتون فراهم ڪري علائقي جي ٻارڙن جو مستقبل اونداهو ٿيڻ کان بچايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون