تازه ترين

پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ وڏو چئلينج آهي:ايس ايس پي اظھر مغل

ايس ايس پي سکر اظھر مغل  چيو آهي ته پريا ڪماري ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن، نياڻي کي بازياب ڪرائڻ  هن لاءِ وڏو چئلينج آهي.

ايس ايس پي سکر پنوعاقل  ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته هو شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل جلد گرفتار ڪري ٻيھر پريس ڪانفرنس ڪندو، واعدو ٿو ڪري ته قاتل ڪٿي به لڪل ھجن ھر حال ۾ گرفتار ٿيندا

ايس ايس پي سکر چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي سان ڪچي ۾ جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو.

هن چيو ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪرايا ويندا، پوليس انهن کي نه روڪيو ته حد جا ايس ايڇ اوز تبديل ڪيا ويندا.

ايس ايس پي سکر چيو ته جهڙيندڙ ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو.

ايس ايس پي اظھر مغل چيو ته  قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آھي، مختلف ڌرين کي پابند ڪيو ويو آهي ته ھٿيار ڦٽا ڪن، داخل ڪيس نظرثاني ڪري حل ٿي سگھن ٿا.

ايس ايس پي سکر چيو ته شھر مان سماجي برايون ختم ڪيون وينديون، آئيس جو واھپو ختم ڪيو ويندو، منشيات هلائيندڙن خلاف وٺ پڪڙ ٿيندي.

ايس ايس پي اظھر مغل  چيو ته مغوي پريا ڪماري ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن، نياڻي کي بازياب ڪرائڻ  هن لاءِ وڏو چئلينج آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون