تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ وڏو چئلينج آهي:ايس ايس پي اظھر مغل

- Advertisement -
ايس ايس پي سکر اظھر مغل  چيو آهي ته پريا ڪماري ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن، نياڻي کي بازياب ڪرائڻ  هن لاءِ وڏو چئلينج آهي. ايس ايس پي سکر پنوعاقل  ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي چيو ته هو شهيد صحافي جان محمد مهر جا قاتل جلد گرفتار ڪري ٻيھر پريس ڪانفرنس ڪندو، واعدو ٿو ڪري ته قاتل ڪٿي به لڪل ھجن ھر حال ۾ گرفتار ٿيندا ايس ايس پي سکر چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ حڪمت عملي سان ڪچي ۾ جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪرايا ويندا، پوليس انهن کي نه روڪيو ته حد جا ايس ايڇ اوز تبديل ڪيا ويندا. ايس ايس پي سکر چيو ته جهڙيندڙ ڌرين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو. ايس ايس پي اظھر مغل چيو ته  قبيلائي جهيڙن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آھي، مختلف ڌرين کي پابند ڪيو ويو آهي ته ھٿيار ڦٽا ڪن، داخل ڪيس نظرثاني ڪري حل ٿي سگھن ٿا. ايس ايس پي سکر چيو ته شھر مان سماجي برايون ختم ڪيون وينديون، آئيس جو واھپو ختم ڪيو ويندو، منشيات هلائيندڙن خلاف وٺ پڪڙ ٿيندي. ايس ايس پي اظھر مغل  چيو ته مغوي پريا ڪماري ڪيس تي ڪم ڪري رهيا آهن، نياڻي کي بازياب ڪرائڻ  هن لاءِ وڏو چئلينج آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
10 %
3.2kmh
32 %
آچر
22 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون