تازه ترين

پنجاب، ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ برسات، ٿڌ ۾ اضافو

پنجاب، ڪي پي  ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو.

راولپنڊي ۾ ڳڙي سان گڏ تيز برسات پئي جنهن سبب ٿڌ ۾ اضافو اچي ويو، چڪلالا 19، شمس آباد 20  ۽ سيد پور ۾ 12 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

چوماسي جي برسات سبب واسا راولپنڊي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، پاڻي جي نيڪال لاءِ واسا عملي کي مختلف علائقن ۾ مشنري سان گڏ الرٽ ڪيو ويو.

اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ به ڳڙي سان گڏ مينهن پيو، جڏهن ته آئيسڪوريجن ۾ برسات سبب 40 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب شهري ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا آهن.

نالا لئي ۾ گوالامنڊي وٽ 7 فوٽ پاڻي بيهجي ويو، جهنگ ۽ چنوٽ ۾ به چوماسي جي برسات سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا.

مري ۾ به سياري جي پهرين برفباري ٿي جڏهن ته  ڀمڀر آزاد ڪشمير ۾ آنڌاري ۽ برسات سبب  مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون