- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي ڊفينس خيابان شهباز ۾ ڪارروائي ڪئي ته جوابدار پوليس جي ڪار ۽ موبائل کي ٽڪر هڻي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته 5 کان 6 جوابدار ويگو گاڏي ۽ 3 جوابدار ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هئا.
ڊي ايس پي سي ٽي ڊي راجا عمر خطاب ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻه جوابدار 2 موٽر سائيڪلون ڇڏي فرار ٿي ويا.
سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو ٽولو ڊفينس ۾ ڪارروايون ڪندو هو، سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهي.- Advertisement -
