- Advertisement -
پنجاب اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو.
اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي ايم پي اي علي حيدر گيلاني اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءِ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو.
پنجاب اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي سرڪاري شهيد ۽ قومي هيرو قرار ڏيڻ جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.
خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏيڻ تي سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڀٽو جي نشان سان نوازڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو.
ٺهراءُ وڏي وزير مراد علي شاهه اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو هو……….- Advertisement -