سنڌ هائيڪورٽ چئن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ چئن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي نينگري کي عيد کان اڳ بازياب ۽ سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي شايع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ چئن ورهين جي نينگري سميت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل چئن ورهين جي عائشه جي والدين سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران گم ٿيل نينگري جا والدين روئي پيا. نينگري جي والد موقف اختيار ڪيو ته سندس نياڻي 14 آگسٽ تي قائداعظم جي مزار وٽان گم ٿي وئي هئي، 6 مهينا گذري ويا آهن هن وقت تائين پوليس نينگري جو ڪوبه پتو نه لڳائي سگهي آهي. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته نينگري جي بازيابيءَ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جي آءِ ٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن. پراسيڪيوشن چيو ته عمير نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪري 6 فيبروري تي پڇاڳاڇا ڪئي وئي پر هو ڪيس ۾ ملوث ناهي. عدالت نينگري کي عيد کان اڳ بازياب ڪرائڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. عدالت ڊي ايس پي کان پڇاڻو ڪندي چيو ته نينگري جي بازيابيءَ جي ذميواري اوهان جي آهي. سچل مان گم ٿيل عبدالصمد جو خاندان به عدالت ۾ پيش ٿيو. وارثن موقف اختيار ڪيو ته عبدالصمد چئن مهينن کان گم آهي، سچل پوليس ڪوبه سهڪار نه ڪري رهي آهي. عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته هن وقت تائين ڪيس داخل ڇو ناهي ٿيو. وارثن چيو ته 4 مهينا اڳ سچل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ويا هئا. عدالت چيو ته اڄ جمعي نماز بعد سچل ٿاڻي تي وڃو ۽ ڪيس داخل ڪرايو، جيڪڏهن پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف جا اجلاس ڪوٺائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت نينگري کي عيد کان اڳ بازياب ۽ سندس تصويرون سوشل ميڊيا تي شايع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
32%
4.2m/s
22%
اربع
21 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون