- Advertisement -
پنجاب جا اڪثر علائقي اڄ ٻيهر ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ڪيترن ئي هنڌن تان موٽر ويز کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب، مختلف هنڌن تي ڪوهيڙي سبب موٽر وي ايم ٽو ٺوڪر نياز بيگ کان راوي ٽول پلازه تائين ۽ ايم 5 کي ترنڊه محمد پناهه کان ظاهر پير تائين هي قسم جي ٽريفڪ لاءِ بدن ڪيو ويو.
ڪوهيڙي سب موٽر وي ايم 11 کي لاهور کان سيالڪوٽ تائين به بند ڪيو ويو.
موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر کي يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويندو آهي، شهري ڏينهن جي وقت ۾ سفر کي ترجيح ڏين.- Advertisement -
