تازه ترين

چوٽياريون ڀرسان مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن جو احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري

- Advertisement -
سانگهڙ ۾ چوٽياريون ويجهو ڳوٺ جاني جوڻيجي ۾ قتل ٿيل ٽن نوجوانن جي وارثن پاران احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري آهي. پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري جي ٽياڪڙي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ ۽ مقتولن جي وارثن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون به ناڪام ٿي ويون آهن. رات دير سان پ پ جي مرڪزي اڳواڻ شازيه عطا مري ڌرڻي واري هنڌ پهچي مقتولن جي وارثن کان واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ ساڻن هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي شازيه مري جي ٽياڪڙي ۾ ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو ۽ مقتولن جي وارثن وچ ۾ ڪيس د اخل ٿيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. ايس ايس پي سانگهڙ جو چوڻ هو ته مقتولن جا وارث ايف آءِ آر داخل نه ڪرائين، جاچ ۾ علاوءَ الدين جوڻيجو ڏوهي ثابت ٿيو ته سندس نالو شامل ڪيو ويندو. مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته ايف آءِ آر ۾ عطاوءَ الدين جوڻيجو نالو شامل ڪيو وڃي. ڳالهيون ٿيڻ کانپوءِ مقتولن جي وارثن ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته جيسيتائين ايم اين اي علاؤالدين جوڻيجو تي ڪيس داخل نه ڪيو ويندو تيسيتائين سندن ڌرڻو جاري رهندو. ان موقعي تي شازيه عطا مري چيو ته جوابدار  گرفتار ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، افسوس جو پوليس اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگھي. هن وڌيڪ چيو ته متاثر ڌر جي مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو وڃي، هوءَ سموري معاملي کان اعليٰ اختيارين کي  آگاهه ڪندي. شازيه مري جو چوڻ هو ته علاوءَ الدين جوڻيجي مٿن بي بنياد الزام هنيا آهن، اڄ تائين سندس ڏاڏَي يا والد خلاف ڪنهن ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿيو، بي بنياد الزامن کان پاسو ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
35.6 ° C
35.6 °
35.6 °
6 %
3.5kmh
13 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون