- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جو عوام فتني ۽ احتجاج جي سياست کي سپورٽ ناهي ڪندو، خيبرپختونخوا حڪومت ڪرم ۽ پارا چنار ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز کي حڪومتي معاملا هلائيندي هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي، سندن وٽ گذريل ڏهن مهينن جو رڪارڊ موجود آهي، مريم نواز جا قدم فائلن لاءِ ناهن.
سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ 64 لک خاندانن کي گهر جي در تي رمضان پيڪيج ڏنو ويو، مريم نواز ايئير ايمبولينس شروع ڪئي، 27 هزار شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ميرٽ تي ڏنيون، پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم ۾ ماڻهن کي 15 لک تائين آسان قسطن تي قرض ڏنو ويو.
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته هلندڙ سال عوام کي ڪيتريون ئي خوشخبريون ڏئي وڃي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو.
هن چيو ته ڪارڪردگي ثابت ڪرڻ لاءِ اهل هئڻ ضروري آهي، پنجاب جو عوام فتني ۽ احتجاج جي سياست کي سپورٽ ناهي ڪندو.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت ڪرم ۽ پارا چنار ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي- Advertisement -
