- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني معاشي ترقي لاءِ واپارين کان تجويزون طلب ڪري ورتيون، سندس چوڻ آهي ته معاشي پاليسين کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو، معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، واپاري معيشيت جي ترقي لاءِ سينيٽ کي تجويزون پيش ڪن.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته هر مسئلي جو حل موجود آهي، سينيٽ چيئرمين طور اقتصادي ترقي لاءِ قدم کڻڻ سندس ذميواري آهي.
سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته خصوصي اقتصادي زون ٺهڻ سان معيشيت مضبوط ٿيندي، بزنس ڪميونٽي جون تجويزون ايوانن تائين صحيح طريقي سان نٿيون پهچن، واپاري معيشيت جي ترقي لاءِ سينيٽ کي تجويزون پيش ڪن.
هن چيو ته هو واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان معاشي استحڪام طرف هلي رهيو آهي.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته بهتر معاشي مستقبل لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر جو سهڪار فائديمند آهي، معاشي پاليسين جي حوصلا افزائي ٿيندي ته ملڪ ترقي ڪندو- Advertisement -
