تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستان رينجرز سنڌ پاران 2024ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

- Advertisement -
پاڪستان رينجرز سنڌ پاران 2024ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، 2024ع ۾ رينجرز مختلف آپريشن ڀرپور طريقي سان سرانجام ڏنا ۽ هدف حاصل ڪيا، رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور تي دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀتا خوري خلاف 102 آپريشن ڪيا. سنڌ رينجرز جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز مختلف ڪاررواين دوران 142 هاءِ پروفائيل جوابدارن کي گرفتار ڪيو، دهشتگردن خلاف مجموعي طور 87 آپريشن ڪيا، جن ۾ 109 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا. رپورٽ موجب، رينجرز ڀتا خوري خلاف مجموعي طور 14 ڪارروايون ڪيون ۽ 32 ڀتا خورن کي گرفتار ڪيو، رينجرز ۽ پوليس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 94 ڪاررواين دوران 197 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جوابدارن جي سرن جي وڏي قيمت مقرر ڪئي هئي، جوابدارن جي قبضي مان 68 مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا. ترجمان موجب، ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم، منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ ڏوهارين خلاف 617 ڪارروايون ڪيون ويون، اسٽريٽ ڪرائيم خلاف 210 آپريشن ڪري 245 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جمموعي طور 252 آپريشن ڪيا ويا ۽ 332 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين  شهرن مان 103 ڏهائي 6 ٽن منشيات هٿ ڪئي وئي. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، رينجرز پاران ڏوهاري ماڻهن خلاف مجموعي طور 500 ڪارروايون ڪيون ويون ۽ 542 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان 451 مختلف قسمن جا هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته راڄڌاني ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ مختلف ايونٽن دفاعي نمائش آئيڊياز، پي ايس ايل، پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن جي دوري، مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي مذهبي ڏهاڙن دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. سنڌ رينجرز جي رپورٽ موجب، 2024ع ۾ 16 لک 81 هزار 495 لٽر ايراني تيل ۽ 45 گاڏيون ضبط ڪري 54 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، هٿ آيل ايراني تيل جي ماليت 43 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي. سنڌ رينجرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رينجرز طرفان سمگلنگ جي خاتمي لاءِ مختلف ڪاررواين دوران نان ڪسٽم پيڊ شين ۾ سگريٽ، ڀارتي گٽڪو، سوپاري، ڪپڙا، ڪنفيڪشنري آئٽم، ٽائر، شيمپو ۽ ٻيو  سامان هٿ ڪيو ويو، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيا آهي. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 51 هائيڊرينٽس کي ڊاهي پٽ ڪرڻ سان گڏ 21 واٽر ٽينڪر به هٿ ڪري ڪيترائي جوابدار گرفتار ڪيا ويا. سنڌ رينجرز جي ترجمان موجب، شهرين جي مسئلن جي حل لاءِ قائم رينجرز مددگار سيل ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون مليون، جن مان 65 جو ازالو ڪيو ويو. پاڪستان رينجرز سنڌ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2024ع ۾ سنڌ رينجرز جا 7 جوان شهيد ۽ 15 زخمي ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون