تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پنجاب جو عوام فتني ۽ احتجاج جي سياست کي سپورٽ ناهي ڪندو: عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پنجاب جو عوام فتني ۽ احتجاج جي سياست کي سپورٽ ناهي ڪندو، خيبرپختونخوا حڪومت ڪرم ۽ پارا چنار ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز کي حڪومتي معاملا هلائيندي هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي، سندن وٽ گذريل ڏهن مهينن جو رڪارڊ موجود آهي، مريم نواز جا قدم فائلن لاءِ ناهن. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ 64 لک خاندانن کي گهر جي در تي رمضان پيڪيج ڏنو ويو، مريم نواز ايئير ايمبولينس شروع ڪئي، 27 هزار شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪس ميرٽ تي ڏنيون، پنهنجي ڇت پنهنجو گهر اسڪيم ۾ ماڻهن کي 15 لک تائين آسان قسطن تي قرض ڏنو ويو. پنجاب جي اطلاعات کاتي واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته هلندڙ سال عوام کي ڪيتريون ئي خوشخبريون ڏئي وڃي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. هن چيو ته ڪارڪردگي ثابت ڪرڻ لاءِ اهل هئڻ ضروري آهي، پنجاب جو عوام فتني ۽ احتجاج جي سياست کي سپورٽ ناهي ڪندو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت ڪرم ۽ پارا چنار ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
14 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون