سرڪاري ٺيڪن ۾ گھوٻين جي الزام ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ جو 29 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي
لاهور جي احتساب عدالت سرڪاري ٺيڪن ۾ گھوٻين جي الزام ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي 29 آگسٽ تائين جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو.
پرويز الاهيءَ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ لاهور هائيڪورٽ کي حڪم ڏنو هو ته 21 آگسٽ تائين فيصلو ڪيو وڃي پر هائيڪورٽ ۾ اڃا تائين ڪيس ٻڌو ئي ناهي ويو، عدالت مناسب وقت لاءِ رمانڊ منظور ڪري ٿي ته کين ڪو به اعتراض ناهي.
پرويز الاهيءَ عدالت کي ٻڌايو ته سندس چيلهه ۾ سخت تڪليف آهي، پير ۾ سـُـڄي ويا آهن، ذاتي ڊاڪٽر سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
بعد ۾ عدالت نيب طرفان چوڏهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي پرويز الاهيءَ کي اٺن ڏينهن جي جسماني رمناڊ تي نيب حوالي ڪيو