تازه ترين

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ بيوقوفي آهي

- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز  سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ بيوقوفي آهي، ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ ناهي، جيڪڏهن عوام کي ٻن مهينن جو رليف ملي وڃي ته هن لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعظم مريم نواز جو چوڻ هو ته 2 مهينن جي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ بيوقوفي آهي، ڪرپشن جو پئسو کيسي ۾ وجهڻ، پروٽوڪول تي خرچ ڪرڻ بيوقوفي ناهي، عوام کي رليف ڏيڻ بيوقوفي آهي، اهڙيون  ڳالهيون ڪندڙن تي افسوس ٿيندو آهي. هن چيو ته استادن ۽ والدين جو نالو روشن ڪرڻ تي سمورن ٻارن کي سلام پيش ڪريان ٿي. مريم نوز چيو ته  هن  ڪيسن کي منهن ڏنو، جيل ڪاٽيا پر ڪڏهن به ڳوڙها ناهن ڳاڙيا. سندس چوڻ هو ته پنجاب ۾ تعليم جي صورتحال تمام جلد بهتر ٿي ويندي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سوچ مان تمام گهڻي ذميواري محسوس ٿي رهي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ پاڪستان جي پهرين اي آءِ  يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي، ٻارن جي هٿن ۾ پيٽرول بم ۽ ڏنڊا ناهن ڏيڻا، بهترين پوزيشن هولڊر شاگردن جي فيس سندس ذميواري هوندي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته بجلي جي بلن ۾ رليف شارٽ ٽرم رليف نه آهي، اهو ٻن مهينن جو رليف آهي، ان کان پوءِ اسان هڪ وڏو سولر پروگرام آڻي  رهيا آهيون، جيڪو عوام کي هميشه لاءِ ڳرن بلن کان آزاد ڪري ڇڏيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
19 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون