- Advertisement -
پنجاب جي گهرو کاتي سڪيورٽي ٿريٽس کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي جيلن جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ آءِ جي جيل خانا جات کي خط لکي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب گهرو کاتي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڊيالا جيل، اٽڪ جيل، ميانوالي جيل ۽ ڊي جي خان جيل کي سڪيورٽي ٿريٽس آهن.
پنجاب جي گهرو کاتي موجب مختلف انٽيلي جنس ايجنسين ۽ سڪيورٽي ايجنسين ٿريٽ الرٽس کان آگاهه ڪيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد گروپ ملڪ دشمنن جي مدد سان ٽارگيٽيڊ حملا ڪري سگهن ٿا، حملن جو مقصد ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ انارڪي پکيڙڻ آهي، صورتحال جي تقاضا آهي ته بنا دير قدم کنيا وڃن.
خط ۾ آءِ جي جيل خانا جات کي هدايت ڪئي وئي آهي ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان جيلن ۾ سرچ آپريشن ڪيو وڃي، ٻن هفتن لاءِ جيل ۾ ملاقاتون ۽ دورا ملتوي ڪيا وڃن، جيل جي ٻاهرين حدن ۾ ڪنڊيدار تارون لڳايون وڃن.
پنجاب جي گهرو کاتي آءِ جي جيل خانا جات کي لکيل خط ۾ اڊيالا جيل سميت ٻين جيلن ۾ سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.- Advertisement -
