- Advertisement -
ٽنڊي غلام حيدر ۾ 11 هزار وولٽيج جي تار گهرن مٿان ڪري پئي، نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
شانتي نگر واري علائقي ۾ 11هزار وولٽيج جي تار گهرن مٿان ڪِري پئي.
ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 سالن جي زاهده چانڊيو فوت ٿي وئي، جڏهن ته احسان چانڊيو سڙي زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
ناري جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
