تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پنجاب حڪومت، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 500 يونٽ تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي 14 رپيا يونٽ رليف ڏيڻ جو اعلان

- Advertisement -
پنجاب حڪومت، اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ 500 يونٽ تائين جي واهپيدارن لاءِ بجلي 14 رپيا يونٽ رليف ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته ٻه سئو يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي بجلي جي بلن ۾ رعايت نه ڏيڻ جو تاثر درست ناهي، وزيراعظم 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي، پنجاب وانگر ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به عوام کي رليف ملڻ گهرجي،  بهتر گورننس ۽ نگراني سبب عوام کي سستي ماني ملي رهي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ ن عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي سياست ڪندي آهي، بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي، ڏکي حالتن ۾ به آسانيون پيدا ڪرڻ ن ليگ جي سياست رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ڪجهه ماڻهو بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ تي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي بجيٽ مان 45 ارب رپيا ڏئي رليف ڏنو ويو،201 کان 500 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ڏنو پيو وڃي، 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي وفاق طرفان رليف ملي رهيو آهي. هن چيو ته عوام کي ڏنل رليف تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، رليف جو سلسلو وفاق جي قدمن جو تسلسل آهي، 14 رپيا في يونٽ جو رليف اسلام آباد جي شهرين لاءِ به هوندو، اڄ جيڪي ماڻهو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هنن چئن سالن ۾ ملڪ کي تباهه ڪيو، چار نااهلي، چوري ۽ ڪرپشن جي بازار گرم رهي. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته چار سال ڪوبه رليف نه ڏيندڙن نواز شريف طرفان ڏنل رليف به عوام کان کسي ورتو، اهي ماڻهو عوام کي رليف نٿا ڏسي سگهن، تباهي چاهن ٿا، ڏڦيڙي ماڻهن چئن سالن ۾ ملڪ کي ڏيوالي جي ڪناري تي پهچايو، ملڪي معيشيت کي تباهه ۽ مهانگائي ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.3 ° C
17.3 °
17.3 °
38 %
2.2kmh
71 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
24 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون