- Advertisement -
پنجاب حڪومت سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان بابت چوٿون غير معمولي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن سميت ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پنجاب ۾ 10 لک هٿيارن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجاب سرينڊر آف اليگل آرمز ايڪٽ 2025 متعارف پڻ ڪرايو ويندو، جنهن تحت پنجاب ۾ غيرقانوني هٿيار 15 ڏينهن اندر واپس ڪيا ويندا.
پنجاب ۾ لائسنس يافتا هٿيارن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي، لائسنس وارن هٿيارن جي مالڪ ۽ جاري ڪندڙ جي تصديق ٿيندي.
پنجاب ۾ ڊراون پوليسنگ ۽ نئون مضبوط سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن سسٽم تيار ٿي ويو آهي.
آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته غيرقانوني هٿيار رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته پنجاب پوليس نظام ۾ بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پنجاب پوليس صوبي ۾ امن امان لاءِ سرگرم آهي.
آءِ جي پنجاب چيو ته پنجاب ۾ ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پنجاب ۾ 70 سيڪڙو ڏوهه گهٽيا آهن، سي سي ڊي پنجاب پوليس جو حصو آهي………………- Advertisement -
