- Advertisement -
پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته بند ڪمري ۾ ويهي پي ايس پي ڊي پي ٺاهڻ سان ناانصافي ٿيندي آهي، مسلم ليگ ن پ پ سان گڏجي بجيٽ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، معيشيت جي مضبوطي لاءِ آبادگارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته سياسي ڪارڪن طور کيس ڪنهن پارٽي تي پابندي جو فيصلو قبول ناهي، جيڪڏهن ڪو ڏڦيڙ پکيڙي يا شرات جاري رکي ملڪ کي نقصان پهچائي ته قانون ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني ادارن جو قانون مڙهڻ نه گهرجي، سڀني جي قبولڻ جوڳو نظام هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن پ پ سان ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ملڪ لاءِ برداشت ڪيو، پ پ حڪومت ۽ ڪابينا جو حصو ناهي.
شازيه مري چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ ويهي مدد ڪرڻ بدران اسيمبلي ۾ ويهي مدد ڪئي ويندي.
هن چيو ته پ پ جو قانونسازي ۾ سهڪار آهي، ڪورم به پ پ ئي پورو ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ پاليسي ٺاهيندي ناهي پر خراب پاليسي کي رد به ڪيو ويندو آهي.
شازيه مري چيو ته پ پ هميشه هارين کي مضبوط ڪرڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي، سولر ٽيڪس 45 مان 15 سيڪڙو ڪرڻ ۾ به پ پ جو ڪردار آهي.
هن چيو ته ملڪ فوڊ سڪيورٽي کي منهن ڏئي رهيو آهي،آبادگارن کي مضبوط ڪرڻ سان ئي ملڪي معيشيت مضبوط ٿيندي- Advertisement -
