پنجاب حڪومت سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
پنجاب حڪومت سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ امن امان بابت چوٿون غير معمولي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن سميت ٻين  شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پنجاب ۾ 10 لک هٿيارن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب سرينڊر آف اليگل آرمز ايڪٽ 2025 متعارف پڻ ڪرايو ويندو، جنهن تحت پنجاب ۾ غيرقانوني هٿيار 15 ڏينهن اندر واپس ڪيا ويندا. پنجاب ۾ لائسنس يافتا هٿيارن جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي، لائسنس وارن هٿيارن جي مالڪ ۽ جاري ڪندڙ جي تصديق ٿيندي. پنجاب ۾ ڊراون پوليسنگ ۽ نئون مضبوط سڪيورٽي ۽ آرمز ريگيوليشن سسٽم تيار ٿي ويو آهي. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته غيرقانوني هٿيار رکندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پنجاب پوليس نظام ۾ بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پنجاب پوليس صوبي ۾ امن امان لاءِ سرگرم آهي. آءِ جي پنجاب چيو ته پنجاب ۾ ڏوهن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پنجاب ۾ 70 سيڪڙو ڏوهه گهٽيا آهن، سي سي ڊي پنجاب پوليس جو حصو آهي………………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
29%
4.5m/s
11%
آچر
28 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون