پنجاب پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جو حملو، 15 اهلڪار شهيد، 7 زخمي

spot_img
رحيم يار خان ويجهو پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي سبب 15 اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چار ڄڻا گم آهن. ماڇڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڪيمپ نمبر 2 تان هفتيوار شفٽ  تبديل ٿيڻ بعد اهلڪار واپس وٺي رهيا هئا ته فتح پور ڀرسان 2 پوليس موبائلون خراب ٿي پيون. ڌاڙيلن ٻنهي پوليس موبائلن تي وڏو راڪيٽ حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن سبب يارنهن اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چئن ڄڻن جي گم ٿيڻ جا اطلاع آهن. واقعي بعد  شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمي کڻائي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس موبائلن ۾ سوار  ايليٽ فورس پنجاب ڪانسٽبلري ۽ رِزَرو پوليس جا جوان محمد عثمان، عمران زاهد، راشد، منير، وسيم، سعيد، ڳباس، اجي رام، بيرم رام، فاروق عبدالله، انس بلال، احمد ساجد راجا ڪنول ايوب ۽  اسماعيل نبيل شامل هئا. اهلڪار عثمان واپس ڪيمپ ٽو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته اهلڪار محمد سعيد به ٻنين ۾ پناهه ورٺي مدد طلب ڪري ورتي. واقعي بعد ڊي پي او رحيم يار خان پاران پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، زخمين مان ڪجهه اهلڪارن جي  حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن ڪري  شهيدن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز رحيم يار خان ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت  واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. صدر آصف علي زرادري ۽ وزيراعظم شهبازشريف رحيم يار خان ۾ پوليس قافلي تي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد اهلڪارن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. آصف علي زرادري جو چوڻ هو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا. وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي ڌاڙيلن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي. محسن نقويءَ شهيدن اهلڪارن کي ڀيٽا پيش ڪندي زخمي اهلڪارن جي صحتيابي لاءِ دعا گهري. سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪارن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون