تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پنجاب کي ڪاري دور مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃي رهيا آهن : مريم نواز

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته هو پنجاب کي ڪاري دور مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃي رهيا آهن.

لاهور ۾ ڪلينڪس آن ويل پراجيڪٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪلينڪس آن ويل پراجيڪٽ صحت جي شعبي کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو، عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته ڪلينڪس آن ويلز ۾ سموريون بنيادي طبي سهولتون موجود آهن. هو  200 ڪلينڪس آن ويلز کي مختلف هنڌن تي بيهاريندا، 200 مان 50 گاڏين ۾ الٽرا سائونڊ جي سهولت موجود هوندي.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته  ڪلينڪس آن ويلز ۾ هڪ ڊاڪٽر هوندو ۽ ٽيسٽ جي سهولت به هوندي، 40 لک ماڻهو ڪلينڪس آن ويلز منصوبي مان فائدو وٺندا، جنهن ۾ ويم جي سهولت به موجود هوندي.

هن چيو ته ڪلينڪس آن ويلز ان جاءِ تي بيهاريون وينديون جتي اسپتال جي سهولت پري هوندي، ڪلينڪس آن ويلز ۾ اسڪريننگ ۽ ويڪسينيشن جي سهولت به موجود هوندي.

پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته منصوبي ۾ 36 ضلعن جي مقامي ڊاڪٽرن کي ترجيح ڏيندا، ڪلينڪس آن ويلز منصوبو صحت جي شعبي کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو.

مريم نواز چيو ته ڪلينڪس آن ويلز منصوبو شهباز شريف شروع ڪيو هو، گذريل دور حڪومت ۾ اهو منصوبو بند ڪيو ويو هو، شهباز شريف ۽ نواز شريف جي منصوبن کي ٻيهر ترتيب ڏئي رهيا آهن، صحت جون سهولتون عوام جي در تائين پهچائي رهيا آهن.

ان کان اڳ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ڪلينڪس آن ويل پراجيڪٽ جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي صحت وارو صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، صحت وارو سيڪريٽري علي جان خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون