تازه ترين

پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ پي ٽي  آءِ تي پابنديءَ جا ٺهراءَ پيش

پنجاب ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ پي ٽي  آءِ تي پابنديءَ جا ٺهراءَ پيش ڪيا ويا آهن.

پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ايم پي ايَ راڻا محمد فياض پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جو ٺهراءُ  جمع ڪرايو يو.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جو حملو به قومي سلامتي جي ادارن تي هو، اسلام آباد هائيڪورٽ به ان پارٽيءَ احتجاج جي اجازت نه ڏني.

جمع ڪرايل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ڏڦيڙي ٽولي اعليٰ عدليا جي فيصلن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ثابت ڪيو ته اها پارٽي ڪنهن به اداري جي عزت نٿي ڪري، ايوان مطالبو ٿو ڪري ته 24 نومبر جي ذميوارن کي انجام تائين پهچايو وڃي.

هوڏانهن بلوچستان اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ تي فوري پابندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.

صوبائي وزير سليم احمد کوسا طرفان جمع ڪرايل ٺهراءِ ۾ چيو ويو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ کي يقيني بڻائي، پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب سڄي ملڪ ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

مخالف ڌر ٺهراءِ جي مخالفت ڪئي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جو چوڻ هو ته هو ٺهراءُ منظور ٿيڻ نه ڏيندا، اڄ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳي ته سڀاڻي ن ليگ ۽ پ پ تي به لڳي سگهي ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون