پنجاب ۽ بلوچستان تيز هوا سان برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وڄ ڪرڻ سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا.
تيز برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب پنجاب ۾ سورهن ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا.
رحيم يارخان جي بستي ڪلواڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻه ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٺل حسن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سان هڪ شخص فوت ٿيو.
ريسڪيو ذريعن موجب رحيم يار خان جي کوکران بستي ۾ به کنوڻ ڪرڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا، ماڙي الله بچايا ۾ هڪ ڌنار ۽ خان بيلا ۾ هڪ هاري کنوڻ ڪرڻ سبب حياتي وڃائي وٺو.
بهاولپور جي علائقي خيرپور ڊاها ويجهو وڄ ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته چڪ 113 ۾ اٺن ورهين جو ٻارڙو کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو.
لوڌران ۾ به کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، بهاولنگر جي علائقي فقيرالي ويجهو وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ پيءُ ۽ سندس ٻه پٽ شامل آهن.
هواڏنهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.
چمن ۽ سوراب ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، قلعه عبدالله، مسلم باغ، پشين ۽ ڊيرا بگٽي ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
صوبي ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو سلسلو جاري رهيو، چمن ٽئين ڏينهن به بجلي بدن رهي ۽ ڳڙو پوڻ سبب صوف، چيري، بادام ۽ ٻين ميوون جي باغن کي نقصان پهتو.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ غير معمولي برسات ۽ موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي آهي، چترال ۾ برسات سبب گهرن کي وڏو نقصان پهتو.
برسات دوران لينڊ سلائٽڊنگ سبب 2 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته پشاور ۾ تيز برسات سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو………..