تازه ترين

پنجاب ۽ بلوچستان تيز هوا سان برسات تباهي مچائي ڇڏي

- Advertisement -
پنجاب ۽ بلوچستان تيز هوا سان برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ وڄ ڪرڻ سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. تيز برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب پنجاب ۾ سورهن ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 8 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا. رحيم يارخان جي بستي ڪلواڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻه ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٺل حسن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سان هڪ شخص فوت ٿيو. ريسڪيو ذريعن موجب رحيم يار خان جي کوکران بستي ۾ به کنوڻ ڪرڻ سبب زال مڙس فوت ٿي ويا، ماڙي الله بچايا ۾ هڪ ڌنار ۽ خان بيلا ۾ هڪ هاري کنوڻ ڪرڻ سبب حياتي وڃائي وٺو. بهاولپور  جي علائقي خيرپور ڊاها ويجهو وڄ ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي،  جڏهن ته  چڪ 113 ۾ اٺن ورهين جو ٻارڙو کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو. لوڌران  ۾ به کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، بهاولنگر جي علائقي فقيرالي ويجهو وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ پيءُ ۽ سندس ٻه پٽ شامل آهن. هواڏنهن بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ 24 ڪلاڪن دوران برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. چمن ۽ سوراب ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، قلعه عبدالله، مسلم باغ، پشين ۽ ڊيرا بگٽي ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. صوبي ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو سلسلو جاري رهيو، چمن ٽئين ڏينهن به بجلي بدن رهي ۽ ڳڙو پوڻ سبب صوف، چيري، بادام  ۽ ٻين ميوون جي باغن کي نقصان پهتو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب صوبي ۾ غير معمولي برسات ۽ موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سمورن ڪمشنرن  ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. خيبرپختونخوا  جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي آهي، چترال ۾ برسات سبب گهرن کي وڏو نقصان پهتو. برسات دوران لينڊ سلائٽڊنگ سبب 2 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته پشاور ۾ تيز برسات سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون