- Advertisement -
پنجاب جي گورنر سليم حيدر چيو آهي ته پنجاب ۾ پ پ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مشن نه ڇڏڻ تي سنڌ جي عوام کي سلام آهي.
پنجاب جي گورنر سليم حيدر سيوهڻ پهچي قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي حاضري ڀري ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا گهري.
ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ هڪ پروپيگنڊا تحت ڊيڄاريو ويندو آهي ته سنڌ ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ٿيو پر هتي اچي ڏٺو ته سنڌ حڪومت وڏي وزير مراد شاهه جي قيادت ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ 5 سالن ۾ پيپلز پارٽي اڳ کان به وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿي.
سليم حيدر جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي ڪمزور آهي، ان کي مضبوط بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون.
پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي نگراني ۾ سنڌ صوبو 5 سالن ۾ گهڻي ترقي ڪندو.
سندس چوڻ هو ته هاڻي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ڪنهن حد تائين گهٽجي ويو آهي، جيترو ٿي سگهيو بهتر جي ڪوشش ڪندس.- Advertisement -
