- Advertisement -
نواب ولي محمد ويجهو شادي تقريب دوران ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
مقتول جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته شمن علي ملاح، يونس ملاح ۽ ٻين حملو ڪري شوڪت ملاح کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڳوٺ لونگ سومرو ۾ شادي تقريب دوران ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب نوجوان شوڪت علي ملاح مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
