- Advertisement -
پني عاقل ڀرسان پاڻي جي واري تي ويل نوجوان کي اغوا جي ڪوشش دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي.
ڪچي جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان واجد عرف ببن عالماڻي کي قتل ڪيو ويو.
مقتول نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته واجد ٻنيءَ تي پاڻي جي واري تي ويل ھو، جتان کي اغوا جي ڪوشش ڪئي ويئي، مزاحمت تي کيس قتل ڪيو ويو آھي.
ھن وڌيڪ چيو تھ سندن ڪنھن سان دشمني نه آهي، مقتول جو لاش پاڻ کڻائي اسپتال پھتا آھن، اطلاع باوجود پوليس اڃا تائين ناھي پھتي.- Advertisement -
