پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 47 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 201 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان طرفان امام الحق 61، شاداب خان 39 ۽ افتخار احمد 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي ۽ راشد خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان طرفان مليل 202 رنسن جي حدف جي جواب ۾ پوري افغان ٽيم 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغان ٽيم طرفان 9 رانديگر ڊبل فگر ۾ ئي داخل نه ٿي سگهيا، رڳو رحمت الله گرباز 18 ۽ عظمت الله عمرزئي سورهن رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 5، شاهين شاهه آفريدي 2، شاداب خان ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ 24 آگسٽ تي خميس ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي………