تازه ترين

پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ  ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 47 ڏهائي هڪ اوورن ۾ 201 رنسن ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان امام الحق 61،  شاداب خان 39 ۽ افتخار احمد 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

افغان ٽيم طرفان مجيب الرحمان 3، محمد نبي ۽ راشد خان 2-2  وڪيٽون ورتيون.

پاڪستان طرفان مليل 202 رنسن جي حدف جي جواب ۾  پوري افغان ٽيم 59 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

افغان ٽيم طرفان 9 رانديگر  ڊبل فگر ۾ ئي داخل نه ٿي سگهيا، رڳو رحمت الله گرباز 18 ۽ عظمت الله عمرزئي سورهن رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

پاڪستان طرفان حارث رئوف 5، شاهين شاهه آفريدي 2، شاداب خان ۽ نسيم شاهه هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ  24 آگسٽ تي خميس ڏينهن ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي………

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
17 %
6.3kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون