ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڏکڻ آفريڪا جي 133 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ گرين شرٽس 5 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 122 رنسون ئي ٺاهي سگهي، پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ تي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، لورا وولواڊارٽ جي اڳواڻي ۾ مهمان ٽيم 20 اوورن ۾ 4/132 رنسون اسڪور ڪيون، ٽزمين برٽس 5 چوڪن جي مدد سان 56 رنسون اسڪور ڪيون.پاڪستان جي صاديه اقبال 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ندا ڊار 4 اوورن ۾ صرف 11 رنسون ڏنيون، 132 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم 12.4 اوورن ۾ 47 رنسون ٺاهي سگھي هئي ۽ 5 رانديگرياڻيون آئوٽ ٿي چڪيون هيون، جنهن کانپوءِ عاليه رياض ۽ ڪپتان فاطمه ثنا وچ ۾ 45 بالن تي 75 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، عاليه رياض 39 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪپتان 24 بالن تي 37 رنسون ٺاهيون پر اهي قومي ٽيم کي ميچ نه کٽرائي سگھيون،ڏکڻ آفريڪا جي بيٽر ٽزمين برٽس کي 56 رنسون اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويوٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز جا باقي ٻه ميچ به 18 ۽ 20 سيپٽمبر تي ملتان ۾ کيڏيا ويندا.