تازه ترين
سنڌ سرڪار پاران سنڌ سيڊ ڪارپوريشن ۾نئين جديدطريقي سان اصلاحات آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ ايشين هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ ميزبان چين سنسني خير مقابلي بعد پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ل... آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز ميثاق جمهوريت ۾ موجود آهي:خواجه آصف سياسي رابطن ۽ جوڙ ٽوڙ باوجود آئيني ترميمون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جي مسلم ليگ نون جي سينيٽر ع... سنڌ حڪومت جي ايڪسائيز کاتي اهم قدم کڻندي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي ڪر... هي ڪهڙي قسم جون ترميمون آهن، جيڪي ڪابينا، وزيرن، اتحادين ۽ مخالف ڌر کان به لڪايون پيون وڃن:حافظ حمد ... ننگرپارڪر ۾ سنڌ سرڪار طرفان ڪارونجهر جبل جي امڪاني نيلامي خلاف ڌرتي ڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر روڊن تي نڪري آي...

پوليس ۽ رينجرز پاران ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو

پوليس ۽ رينجرز پاران ڌاڙيلن خلاف گڏيل ڪارروايون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو نئين سر جائزو وٺي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن بابت سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جيز سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي طرفان ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن بابت بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڏوهارين جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جو نئين سر جائزو وٺي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وينديون.

هن چيو ته ڪچي مان ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ  پوليس الرٽ آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.

هن چيو ته ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل قدمن سان هاءِ ويز تي ڏوهن ۾ غيرمعمولي گهٽتائي ٿي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
47 %
4.6kmh
0 %
سُومر
21 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون